جنرل ڪارگل

جنرل ڪارگل: انگريز پنهنجي سئو سالا، حڪمرانيءَ دوران، ننڍي کنڊ جي جاگرافيءَ تي به اثر انداز ٿيا. هنن نوان شهر ٻڌائي انهن تي پنهنجا نالا رکيا. اهڙن شهرن ۾ جيڪب آباد، جيمس آباد، منٽگمري، فورٽ سنڊيمن ۽ لائل پور وغيره اچي وڃن ٿا. هنن ڪن خاص جاين جا نالا به پاڻ سان منسوب ڪيا. جهڙوڪ: مائونٽ ايورسٽ (دنيا جي وڏي ۾ وڏي جابلو چوٽي) ۽ مري هلس (ڪوهه مري)، ڪشمير جي اتر اوڀر واري علائقي ڪارگل جو نالو پڻ هڪ انگريز فوجي آفيسر ليفٽيننٽ جنرل ڪارگل پويان رکيل آهي. 1941ع ۾ جڏهن سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳاري کي بغاوت جي الزام ۾ سکر جي ڪليڪٽر سنڊي رڊلي دوکي سان گرفتار ڪري، پهرين لاهور ۽ پوءِ ناگپور جي جيلن ۾ بند ڪيو ته حرن جي تحريڪ زور وٺي وئي، 31 مئي 1942ع تي سنڌ جي ڪجهه ضلعن سکر، نوابشاهه، خيرپور رياست، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر جي ڪجهه حصن ۾ ننڍي کنڊ جي پهرين مارشل لا هني وئي، تڏهن جنرل رچرڊسن کي مارشل لاايڊمنسٽريٽر ۽ ليفٽيننٽ جنرل ڪارگل کي سنڌ جو ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻايو ويو، جنهن حرن ۽ سندن همدردن سان تمام گهڻي سختي ڪئي. سورهيه بادشاهه کي ناگپور جيل مان واپس ٻولهاڙي هوائي اڏي تي آڻي، سندس مٿان بغاوت جو درج ڪري اهو ڪيس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ هلائڻ ۽ آخرڪار مارچ 1943ع ۾ موت جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ واري سڄي عمل ۾ ڪارگل جو وڏو عمل دخل رهيو .


لفظ جنرل ڪارگلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو